السلام عليڪم سنڌ واسيو

جيئن تہ هن جديد دور کي ڏسندي جتي ڏينھون ڏينھن ڪمپيوٽر جو استعمال وڌندو پيو وڃي ۽ هر ماڻهو چاهي ٿو تہ ان جو ڪاروبار ڪمپيوٽرائز هجي ۽ ان جا سڀ جا سڀ ريڪارڊ فقط هڪ هنڌ محفوظ هجن جيئن هو جنهن وقت چاهي ان کي ڏسي 👀 سگھي ۽ اهو اندازو لڳائي سگهي تہ هن جو ڪاروبار ڪيترو ۽ ڪيئن ٿئي ٿو ڪيترا آئٽم هن خريد ڪيا ۽ ڪيترا وڪرو ڪيا ۽ انهن جو منافعو ڪيترو ٿيو، باقي ڪيترا ائٽم اسٽاڪ ۾ موجود آهن ۽ ڪهڙن ماڻھن ڏي ڪيتري اوڌر آهي ۽ ڪن ماڻھن کي ڪيترو قرض ڏيڻو آهي. مطلب تہ هو چاهيندو آهي تہ ان جو رڪارڊ هڪ منٽ اندر نظر اچي جيئن هو بروقت فيصلو ڪري سگهي تہ منھنجي ڪاروبار هن وقت فائدي ڏانھن وڌي رهيو آهي يا نقصان ڏانھن. 👈 انهن سڀ شين کي نظر ۾ رکندي اسان رائس مل وارن لاء هڪ بهترين ويب ايپ تيار ڪئي آهي جيڪا ڪافي سالن کان نئوديرو جي رائس ملن تي ڪاميابي سان هلندڙ آهي جيڪا سنڌي ٻولي ۾ تيار ڪئي وئي آهي جئين استعمال ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڏکيائي پش نہ اچي اوهان صرف ٻن ڏينھن ۾ اها ويب ايپ آساني سان سکي سگهو ٿا. جيڪڏھن اوهان ڪمپيوٽر يا موبائيل هلائڻ جي ٿوڙي بہ ڄاڻ رکو ٿا تہ آساني سان هي ويب ايپ استعمال ڪري سگهو ٿا


ايزي کاتو اڪائونٽ مئنيجمينٽ سسٽم ڇو ضروري آهي ..؟

ايزي کاتو اڪائونٽ مئنيجمينٽ سسٽم جي مدد سان اوهان خريداري ، وڪرو، ڪائونٽر سيل ، ڪيش بوڪ ۽ کاتو بوڪ ٺاهي سگهو ٿا جئين جئين اوهان ڪائي خريداري ڪندا يا ڪائي سيل ڪندا تہ ايزي کاتو اڪائونٽ مئنيجمينٽ سسٽم اوهان جا کاتو بوڪ ، ڪيش بوڪ ، وڪرو ، خريد بوڪ پاڻ ئي آٽومٽيڪ مينٽين ڪندو ويندو

ايزي کاتو اڪائونٽ مئنيجمينٽ سسٽم اوهان جي ڪاروبار جو سرمئل بہ پاڻ ئي ٺاهيندو جيڪڏهن اوهان ڪاٿي بہ ڏيتي ليتي ۾ غلطي ڪندا يا خريد ، وڪرو ۾ غلطي ڪندا تہ اوهان جي سرمئل جو بلينس برابر نہ هوندو ۽ بر وقت معلوم ڪري ويندا تہ اوهان کان ڪائي غلطي ٿي آهي پر جيڪڏهن سرمئل جا ٻئي پاسا برابر آهن تہ ان جو مطلب آهي اوهان جو رڪارڊ بلڪل درست داخل ٿيل آهي

ايزي کاتو اڪائونٽ مئنيجمينٽ سسٽم جي مدد سان اوهان روزاناني بنياد تي تمام آساني سان ڪلوزنگ ڪري سگهو ٿا جيڪا پهرين اوهان اها ڪلوزنگ ڪرڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ استعمال ڪندا هئا ڇا ڪاڻ جو ايزي کاتو اڪائونٽ مئنيجمينٽ سسٽم اوهان کي سرمئل جي سهولت جو ڏئي ٿو جنهن جي مدد سان صرف اوهان کي اهيو ڏسڻو آهي تہ سرمئل جا ٻئي پاسا برابر آهن جي آهن تہ پوء ڪلوزنگ هڪ منٽ اندر ٿي ويندي

اڪثر ڪري رائيس ملن تي مالڪن جي طرفان منشي رکيل هوندا آهن جيڪي انهن جو رڪارڊ جو ڪم ڪندا آهن ۽ هر مهيني انهن کي پگهار ڏيندا آهن ان کان سواء هر سال جو بونس الڳ ڏيندا آهن جيڪو هڪ قسم جو واڌارو خرچو آهي جنهن کي اوهان هر سال ادا ڪيو ٿا پر جيڪڏهن اوهان اسان جي هي ايپ استعمال ڪيو ٿا تہ اوهان هر سال گهٽ م گهٽ 4 لکن جي بچت ڪري سگهو ٿا، هن ايپ کي اوهان پاڻ ئي آساني سان استعمال ڪري سگهو جيڪڏهن اوهان کي ڪائي بہ موبائل هلائڻ اچي ٿي ائين هر سال اوهان پنهنجي ڪمپني کي 4 لکن جو فائدو ڏئي سگهو ٿا

ايزي کاتو اڪائونٽ مئنيجمينٽ سسٽم کي استعال ڪري اوهان بوڪن جي خرچي کان بہ بچي ويندا جيڪا اوهان هر سال لڳ ڀڳ 20 هزار بوڪن جي خريد ڪرڻ ۾ لڳائيندا آهيو

ايزي کاتو اڪائونٽ مئنيجمينٽ سسٽم جو سمورو رڪارڊ لنڊن جي ويب هوسٽنگ ڪمپني ۾ محفوظ آهي اوهان ڪنهن بہ وقت ڪٿان بہ رڪارڊ ڏسي سگهو ٿا

ايزي کاتو اڪائونٽ مئنيجمينٽ سسٽم کي استعمال ڪندڙن جا ويچار....؟